قاضي احمد: وين ۽ پوائنٽ بس ۾ ٽڪر، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 24 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. قاضي احمد ويجهو شهيد بينظير يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۽ وين ۾ ٽڪر  ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽  15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. لنڪ روڊ تي نوابشاهه کان قاضي احمد ويندڙ پوائنٽ بس ۽ وين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي ۾ عورت قرت العين فاطمه ۽ دادن عمراڻي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ پرديسي اوڏ، ساجن ملاح، محمد هارس، رياض راشد، عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن. ٺيڙهي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ڪراچي کان ملتان ويندڙ ڪوچ ڪلٽي ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ فرزانه ڪورائي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي جڏهن ته منير ڀٽي، ممتاز، طاهر ۽ راحب سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ بعد پوليس فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻي پاسي ميرپور ماٿيلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل حيات پتافي واسي نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. زخمي نوجوان محمد تيگاڻي مشوري سکر جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
45%
1.6m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون