- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته قانون ٽوڙيندڙ ڪو به شخص گهر واپس نه وڃڻ گهرجي، ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، وفاقي راڄڌاني کي هر صورت ۾ محفوظ رکڻو آهي، امن امان خراب ڪندڙ هر شخص کي گرفتار ڪيو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صبح سوير پوليس فورس جو حوصلو وڌائڻ پوليس لائينز پهچي ويو.
وفاقي گهرو وزير امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي.
پوليس فورس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته سڀاڻي بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد شهر کي هر صورت محفوظ رکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليس فورس اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ ٽيم جيان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس فورس کي هدايت ڪندي چيو ته اسلام آباد جي امن امان کي خراب ڪندڙ هر شخص کي گرفتار ڪرڻو آهي، هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي واپس نه وڃڻ ڏيندا.
وفاقي گهرو وزير چيو ته کين اوهان ۽ اوهان جون زندگيون عزيز آهن، ڊيوٽي دوران اوهان کي سمورو حفاظتي سامان پهرڻو آهي ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻا آهن، هو اوهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ هميشه گڏ بيٺل رهندا.
محسن نقوي چيو ته هن ڀيري اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندا، امن امان کي قائم رکڻ ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.- Advertisement -
