تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي، 6 ڪينالن جو منصوبو منظور ناهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي، پيپلزپارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي آهي، سنڌ جي پاڻي جو هڪ قطرو به نه ڏيندا. وڏي وزير مراد علي شاهه جي ٻارڙن جي عالمي ڏهاڙي تي سوشل ويلفيئر کاتي جي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي تحت آگاهي واڪ ڪئي وئي. آگاهي واڪ ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه، مير طارق ٽالپر، رياض شاهه شيرازي، خاص مددگار آصف خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻارڙن جو عالمي ڏينهن هر سال ٻارن جي حقن ۽ سندن ڀلائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي، سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي طرفان ٻارن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ واڪ ڪرائڻ سٺو سنوڻ آهي. سندس چوڻ هو ته ٻار سندن معاشري جا سڀ کان قيمتي ميمبر آهن، ملڪ ۾ پوليو جا 52 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملڪ مان پوليو جو خاتمو ضروري آهي، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پوليو جي خاتمي لاءِ انقلابي قدم کنيا هئا، کين ٻارن جي حقن جو خيال رکڻو ۽ بهتر تعليم ڏيڻي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سندن وٽ اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڳي 3 کان وڌيڪ نمائندگي آهي، مسلم ليگ نون کي خدشن بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تفصيل سان ٻڌايا، هو مسلم ليگ نون سان خدشا ڳالهيون ذريعي ختم ڪرڻ چاهن ٿا. هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ جو موقف واضح آهي، 6 ڪينالن جو منصوبو منظور ناهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي هئي، پيپلزپارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي آهي، سنڌ جي پاڻي جو هڪ قطرو به نه ڏيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون