- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته قانون ٽوڙيندڙ ڪو به گروپ بچي نه سگهندو، سوات ۾ توهين مذهب جي الزام کانپوءِ ٿيل واقعي تي سڀني کي ڳڻتي آهي، 2018ع ۾ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ تحت مٿن تنقيد ڪئي وئي، هڪ سياسي پارٽي ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري الزام هنيا.
لاهور ۾ اتحاد بين المسلمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سوات ۾ جيڪو واقعو ٿيو، سڀني کي ڳڻتي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو ٽولو قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻندو ته ڪير به نه بچندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته سندس تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان آهي، دين سان محبت سندس رت ۾ شامل آهي.
هن چيو ته 2018ع ۾ سياسي اسڪورنگ لاءِ کين نشانو بڻايو ويو، هنن ڳالهيون ۽ گاريون ٻڌيون، نواز شريف کي نشانو بڻايو ويو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته هڪ سياسي پارٽي ڪجهه ماڻهن جو استعمال ڪيو، کيس الزامن کي منهن ڏيڻو پيو.- Advertisement -
