- Advertisement -
سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ به اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل، اسلام آباد ۾ پرامن اجتماع ۽ امن امان بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتا.
اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران پارلياماني معاملن واري وزير، اعظم نذير تارڙ اليڪشن ترميمي بل 2024ع منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو.
اسپيڪر ووٽنگ ڪرائي جنهن بعد بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، ان کان اڳ هي بل سينيٽ به منظور ڪيو هو.
اجلاس ۾ ضمني ايجنڊا پيش ڪرڻ بابت تحريڪ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وئي، ن ليگ جي بئريسٽر دانيال چوڌري تحريڪ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو.
ن ليگ ميمبر دانيال چوڌري ضمني ايجنڊا طور ايوان ۾ اسلام آباد پرامن اجتماع ۽ امن عامه بل 2024ع منظوري لاءِ پيش ڪيا، تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل بل جي سخت مخالفت ڪئي پر بل اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويو.
تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته هي بل خميس ڏينهن سينيٽ مان به منظور ڪيو ويو هو، ٻنهي ايوانن مان بل منظور ٿي ويا هاڻي بل منظوري لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اماڻيا ويندا جنهن جي صحي سان بل قانون بڻجي ويندا.
هن بل تحت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏيندو، جيڪڏهن ڊپٽي ڪمشنر اجازت نه ڏيندو ته اپيل چيف ڪمشنر کي ڪري سگهجي ٿي، چيف ڪمشنر جي فيصلي خلاف گهرو سيڪريٽري وٽ نظرثاني درخواست ڏئي سگهجي ٿي، حڪومت اسلام آباد جي علائقي سنگجاني يا ڪنهن به علائقي جي چونڊ ڪندي جنهن جو باقاعده گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ ڪنهن به اجتماع يا جلسي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن پهريان ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست ڏيڻي پوندي، ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ وٽ جلسي تي پابندي جو اختيار هوندو.
بل ۾ چيو ويو آهي ته غيرقانوني جلسي جي ميمبرن کي گرفتار ۽ حراست ۾ وٺي سگهجي ٿو، غيرقانوني اسيمبلي جي ميمبر کي ٽن سالن تائين سزا ۽ ڏنڊ وڌو ويندو، بل تحت عدالت سزا مليل شخص کي ٻيهر هي عمل ورجائڻ تي 10 سالن تائين قيد جي سزا ڏني ويندي.
تحريڪ انصاف جي ميمبر جمشيد دستي ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جي شام پنجين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.- Advertisement -
