قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي ٿيندو، جنهن جي صدارت اسپيڪر سردار اياز صادق ڪندو، اسيمبلي سيڪريٽريٽ اجلاس جو 6 نقاطي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏيو.
اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خوراڪ وارو وفاقي وزير رانا تنوير حسين سيڊ ترميمي آرڊيننس 2024ع ايوان ۾ پيش ڪندو، ان کان علاوه بلوچستان ۾ گئس جي اوور بلنگ ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ اضافي وصولين تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس به پيش ڪيو ويندو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب ۽ پوائنٽ آف آرڊر کانسواءِ رول 18 تحت کنيل نقطن تي بحث ٿيندي.
ايوان ۾ چڪرا اپر دير روڊ جي حالت تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويندو.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


