- Advertisement -
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين لاءَ جوڙيل ڪميٽيون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف طرفان ڳالهين واريون ڪميٽيون ختم ٿي چڪيون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ اڃا تائين ڳالهين واري ڪميٽين کي باقاعده ڊي نوٽيفاءِ ناهي ڪيو.
قومي اسيمبليءَ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق اڃا به ڳالهيون جاري رکڻ جو خواهشمند آهي، اسپيڪر ڳالهين واري ڪميٽي کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.
تحريڪ انصاف 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جو اعلان نه ٿيڻ تي حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.- Advertisement -
