تازه ترين

قومي هيرو ارشد نديم قافلي جي صورت ۾ پنهنجي اباڻي گهر ميان چنون پهچي ويو

- Advertisement -
پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريندڙ قومي هيرو ارشد نديم قافلي جي صورت ۾ پنهنجي اباڻي گهر ميان چنون پهچي ويو، جتي سندس مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. قومي هيرو ارشد نديم جي آجيان لاءِ سڄو ڳوٺ پهتو، گلن ۽ نوٽن جي ورکا ڪئي وئي، جڏهن ته دهلن شرنائين تي جمهريون ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جي گهر پهچڻ تي جذباني منظر ڏسڻ آيا، امڙ عظيم پٽ کي ڳلي لڳائي آجيان ڪئي، ارشد نديم والده سان ملي ڪري اکين مان ڳوڙها ڳاڙي ويٺو. مٽن، مائٽن، دوستن ۽ علائقي واسين پاران ارشد نديم تي گلن جي ورکا ڪري هارا پارائي مبارڪ ڏني وئي. ان کان اڳ پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل ڏياريندڙ قومي هيرو ارشد نديم ڏيهه پهچي ويو، لاهور ايئرپورٽ کان سندس اباڻي شهر ميان چنون آمد تائين وک وک تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، ارشد نديم جو چوڻ آهي ته هو عزت ڏيڻ تي قوم جو ٿورائتو آهي، هن ڪاميابيءَ جي پويان هڪ ڊگهو سفر آهي، ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. اولمپڪ چيمپيئن ارشد نديم جي اڏام ٽي ڪي 714، علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور رات هڪ لڳي 25 منٽن تي لينڊنگ ڪئي. ارشد نديم جي جهاز کي ايئر پورٽ تي واٽر ڪينن سليوٽ پيش ڪري ڀليڪار چيو ويو. ايئرپورٽ تي وفاقي وزير احسن اقبال، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود، اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ۽ شزا فاطمه سميت ٻين سياسي اڳواڻن ارشد نديم جو استقبال ڪيو. ايرپورٽ لائونچ ۾ موجود ارشد نديم جي والد پنهنجي پٽ کي ڳلي لڳايو ۽ گلن جو هار پارايو، اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ۽ ٻين به ارشد نديم کي هار پارايا. پٽ جي استقبال دوران والد جذباتي ٿي ويو، جڏهن ته ارشد نديم جي اکين ۾ به خوشي جا ڳوڙها نظر آيا. لاهور هوائي اڏي کان اباڻي شهر ميان چنون آمد دوران مختلف هنڌن تي ارشد نديم جي شاندار آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ارشد نديم چيو ته عزت ڏيڻ تي هو قوم جو ٿورائتو آهي، پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي الله جو شڪر ادا ڪري ٿو جنهن کيس ڪامياب ڪيو. هن چيو ته هن ڪاميابي جي پويان هڪ ڊگهو سفر آهي، ميڊل حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم چيو ته ڪوچز به اولمپڪس لاءِ گھڻي محنت ڪرائي، ڊائمنڊ ليگ ۾ تمام سٺو پرفارم ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
31 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون