تازه ترين

پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي اعتراف ۾ اقليتن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو: صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي حقن جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهن. اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته  پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي اعتراف ۾ اقليتن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته هو قائداعظم جي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ لاءِ ڪيل واعدي تي قائم رهڻ جي عزم جو وچن ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ ۾ اقليتن کي آئين تحت سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن، سندن مذهب اسلام، اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور تي مڃي ٿو، هنن سرڪاري ملازمتن ۾ اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا رکي آهي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ سيٽون مختص ڪيون ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اقليتن جي شاندار ڪردار تي ڀيٽا پيش ڪئي. پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته  اقليتي برادري تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو اقليتن جي مذهبي، سياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. سندس چوڻ هو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق کانسواءِ پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جو قومي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ آباد اقليتن سان ٻڌي ۽ ملڪ لاءِ خدمتن جو اعتراف آهي، اقليتي برادري اڃا تائين ملڪ جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون