تازه ترين

لالو رائنڪd: گندي پاڻي جي نيڪال بابت ڊسپوزل کڏ کي گهارو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لعلورائنڪ شهر جي گندي پاڻي جي نيڪال واري ڊسپوزل کڏ کي پاڻي جي دٻاءُ سبب 18 فوٽ گهارو لڳڻ سبب پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل ٻڏي ويو.

لعلورائنڪ شهر جي اولھه پاسي کان شهر جي گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ قائم ڊسپوزل کوھه جي کڏ جي بند کي پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ سبب 18 فوٽ گهارو پئجي ويو.

گهاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل گندي پاڻي هيٺ اچي ويو جڏهن ته ڪهيري پاڙي جي گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو.

شهرين پاران پبلڪ هيلٿ کاتي وارھه ۽ قمبر جي اختيارين کي اطلاع ڏنو ووي.

اطلاع ملڻ باوجود کڏ کي لڳل گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو.

شهرين ممتاز علي تنيو، عزيز الله ڪلھوڙو، رحيم بخش شيدي ۽ ٻين پبلڪ هيلٿ کاتي قمبر جي اختيارين ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور لڳل گهاري کي بند ڪرائي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون