تازه ترين

لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جل ٿل هڪ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. لاهور جي گلبرگ، ڊيووس روڊ، ڳڙهي شاهو، ايبٽ روڊ، لڪشمي چوڪ، جوهر ٽائون، اقبال ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو ٿيو. لاهور ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات تاج پوره ۾ 22 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ايم سي ايل، واسا ۽ ايل ڊبليو ايم سي کي الرٽ جاري ڪيو ويو. لاهور ۾ چوماسي جي برسات بعد ڪيترائي فيڊر ٽرپ ڪري ويا جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي ۽ شهرين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. پنجاب جي شهر گجرانوالا، جهنگ، گوجره، سانگله هل ۽ ننڪانه صاحب ۾ به تيز برسات ٿي، جڏهن ته فيروز والا، مريدڪي، احمدپور شرقيه ۽ اوچ شريف ۾ به جل ٿل هڪ ٿي ويو. فيصل آباد ۾ ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب 3 پورهيت فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بلوچستان جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته خضدار، لورالائي، سبي، زوب، مسلم باغ ۽ ٻين شهرن وسڪارو ٿيو. زيارت، بارکان، ڪوهلو، نصير آباد، جهل مگسي ۽ جعفر آباد ۾ به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي برسات ٿي. پي ڊي ايم اي طرفان چيو ويو آهي ته برساتن جو اهو سلسلو ٻن کان ٽن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو، لاڳاپيل ادارا الرٽ رهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون