تازه ترين

ڪنگنا رناوت ٽنهي خانز جي صلاحيتن کي سامهون آڻڻ لاءِ هڪ فلم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي

- Advertisement -
ڪنگنا رناوت ٽنهي خانز جي صلاحيتن کي سامهون آڻڻ لاءِ هڪ فلم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. پنهنجي تڪراري بيانن ۽ تنقيد سبب خبرن جي زينت بڻجندڙ بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت فلم انڊسٽري تي حڪمراني ڪندڙ سلمان، عامر ۽ شاهه رخ خان لاءِ فلم ٺاهڻ جي خواهشمند آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم “ايمرجنسي” جو ٽريلر رليز ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ٽريلر جي افتتاحي تقريب ۾ سلمان، عامر ۽ شاهه رخ خان بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڪنگنا رناوت ٻڌايو ته ٽنهي مان ڪو به هڪ خان کيس پسند ناهي، ٽنهي خانز لاءِ فلم ٺاهڻ سان گڏ هوءَ ان جي هدايتڪاري به ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هوءَ اهڙي فلم آڻڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ ٽئي خان اداڪاري ڪري سگهن ۽ ڪجهه اهڙو ڪن جيڪو معاشري لاءِ اهم هجي. ڪنگنا رناوت طنز ڪندي چيو ته ٽئي خان انڊسٽري جي آمدني وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن  تي سندن ٿورائتا آهيون. اداڪار عرفان جي باري ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سلمان، عامر ۽ شاهه رخ خان کيس پسند ناهن، مرحوم عرفان خان پسند آهي ۽ کيس پڇتاءُ آهي ته هوءَ عرفان خان لاءِ هدايتڪاري نه ڪري سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
21 %
4.4kmh
5 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون