لاهور ۾ پاڻي نه هجڻ جون ڳالهيون اهي ڪن پيا: ن ليگ جي صدر شهباز شريف

- Advertisement -
ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته لاهور ۾ پاڻي نه هجڻ جون ڳالهيون اهي ڪن پيا، جن جي پنهنجي صوبي ۾ پاڻي ناهي، عوام ٻڌائي ته خدمت ڪنهن ڪئي، کين مفت دوائون ڪنهن ڏنيون. لاهور ۾ ريلي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته جڏهن ميٽرو بس شروع ٿي ته ان جو مذاق اڏايو ويو، اڄ اها ئي ميٽرو بس هلي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته هو ملي ترقي تي يقين رکن ٿا، ميٽرو بس کي قصور تائين کڻي ويندا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ کي ترقي رڳو ن ليگ ئي ڏياري سگهي ٿي، عوام ن ليگ کي ووٽ ڏئي ڪاماياب ڪرائي. سندس چوڻ هوته نواز شريف هميشه ملڪي ترقي واپس آڻيندو آهي، هنن اسپتالون ٺاهي عوام کي صحت جون سهولتون به ڏنيون آهن. شهباز شريف چيو ته لاهور ۾ پاڻي نه هجڻ جون ڳالهيون اهي ڪن پيا، جن جي پنهنجي صوبي ۾ پاڻي ناهي، عوام ٻڌائي ته خدمت ڪنهن ڪئي، کين مفت دوائون ڪنهن ڏنيون
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
31%
4m/s
0%
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون