- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه سنڌ هائيڪورٽ جي جج سليم جيسر سان اختلافن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته جسٽس سليم جيسر پٽيوالي جي نوڪري بنا ميڊيڪل حاصل ڪرڻ لاءِ پيغام موڪليو ويو، قائدن ۽ ضابطن خلاف نوڪري نه ڏيڻ تي سينئر جج ناراض ٿي ويو آهي.
لاڙڪاڻي جي سيشن جج شرف الدين شاهه سنڌ هائيڪورٽ جي جج سليم جيسر سان اختلافن سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
سيشن جج لاڙڪاڻي پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ڏانهن اماڻي.
سيشن جج شرف الدين شاهه پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته پٽيوالي جي نوڪري بنا ميڊيڪل حاصل ڪرڻ لاءِ جسٽس سليم جيسر طرفان ايڊيشنل رجسٽرار ذريعي پيغام اماڻيو ويو.
استعيفي جي متن ۾ چيو ويو ته قاعدن جي خلاف نوڪري نه ڏيڻ تي جسٽس سليم جيسر ناراض هو.
جج شرف الدين شاهه چيو ته جسٽس سليم جيسر جي منشي رهندڙ محمد ملوڪ سندس آفيس ۾ اچي نوڪري نه ڏيڻ تي ڌمڪيون به ڏنيون.
استعيفيٰ ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن دروان ايڊيشنل رجسٽرار جونيئر هوندي کيس هدايتون ڏيندو رهيو، جسٽس سليم جيسر جي انسپيڪشن دوران لکيل نوٽيس به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو.
جج شرف الدين شاهه چيو ته انسپيڪشن دوران جسٽس سليم جيسر طرفان سندس خلاف بنا ثبوتن جي نوٽيس لکيو ويو، انسپيڪشن دوران لکيل نوٽيس سندس ذاتي فائل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم به جسٽس سليم جيسر طرفان جاري ڪيو ويو.
استعيفيٰ جي متن موجب، هو 27 سال جوڊيشري جو حصو رهيو آهي، هن ذلت جي ماحول ۾ نوڪري ڪري نه ٿو سگهي.- Advertisement -
