- Advertisement -
لاڙڪاڻي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ عورت سميت ٻڻ ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو
تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٺارو خان جاگيراڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدارن فائرنگ ڪري 40 ورهين جي علي محمد پٽ مير خان جاگيراڻي ۽ عورت ريما کهاوڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل مرد ۽ عورت جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.
ان حوالي سان تعلقي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته کهاوڙ ذات جي هٿياربندن ڪارنهن الزام هيٺ تان علي محمد جاگيراڻي ۽ عورت ريما کهاوڙ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……- Advertisement -
