- Advertisement -
امريڪا چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گھٽ ڪرڻ آهي.
وائٽ هائوس جي ڊپٽي نيشنل سيڪوريٽي ايڊوائزر جوناٿن فنر جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر ۾ فوجي قدمن جو مقصد حملن کي روڪڻ، دفاع ڪرڻ ۽ علائقائي تڪرارنن کان بچڻ آهي، امريڪا ۽ اسرائيل هر ممڪن تياري ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اپريل ۾ علائقائي تڪرار جو امڪان تمام ويجهو پهچي چڪو هو،آمريڪا چاهي ٿو ته ٻيهر اهڙي صورت ٿئي ٿي ته ان لاءِ تياري ڪئي وڃي.
واضع رهي ته آمريڪي بچاءُ واري وزير لائيڊ آسٽن وچ اوڀر ۽ يورپ ڏانهن بيلسٽڪ ميزائلن کي روڪڻ جي صلاحيت رکندڙ اضافي نيوي ڪروزرز ۽ ڊيسٽرائٽر موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي……..- Advertisement -
