لبنان ۾ مڪمل جنگ کي هر ممڪن روڪڻو پوندو : انتونيو گوتريس

- Advertisement -
لبنان اسرائيل جنگ تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته لبنان ۾ مڪمل جنگ کي هر ممڪن روڪڻو پوندو. هن چيو ته لبنان کي هڪ وڌيڪ غزه بڻجڻ نه ڏيندا، لبنان ۾ جنگ تباهي جو سبب بڻجندي. انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته لبنان جي خودمختياري جو احترام ڪرڻ گھرجي، لبنان پنهنجي هٿياربند فوج کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا. اجلاس ۾ فرانسيسي پرڏيهي وزير چيو ته  ڳالهين لاءِ 21 ڏينهن جي عارضي جنگ بندي تي امريڪا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، عارضي جنگ بندي جو منصوبو جلد سامهون اچي ويندو. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ گڏيل قومن ۾ اسرائيلي نمائندي چيو ته اسرائيل لبنان ۾ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيندو، سفارتڪاري ناڪام ٿي ته ٻيا سمورا وسيلا استعمال ڪندا. اسرائيلي نمائندي جو وڌيڪ چوڻ هو ته حزب الله ڪارروايون روڪيون ته اسرائيل به روڪيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
18%
1.1m/s
2%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون