- Advertisement -
پير ڳوٺ جي سول ڪورٽ ويجهو هٿياربند جيل پوليس تي حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪري هڪ قيدي کي ڇڏائي ويا، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومري جو چوڻ آهي ته 8 کان 10 هٿياربند حملو ڪري هڪ قيدي کي ڇڏائي ويا آهن، پوليس ڏوهارين جي پويان ويل آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
سول ڪورٽ ويجهو ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن جيل پوليس تي حملو ڪيو.
هٿياربند ٻن پوليس اهلڪارن محمد علي ملاح ۽ غلام حسين جويو کي زخمي ڪري جوابدار محبوب ناريجو کي ڇڏائي ويا.
اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي خيرپور سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 کان 10 هٿياربند حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪري هڪ قيدي کي ڇڏائي ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته فرار ٿيل قيدي ڌاڙن، ڦرن ۽ پوليس مقابلن سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو، پوليس اهلڪارن جو قيدي کي فرار ڪرائڻ ۾ ملوث هئڻ وقت کان اڳ آهي.
ايس ايس پي خيرپور چيو ته پوليس ڏوهارين جي پويان ويل آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
