تازه ترين

ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان صلاح مشوري بعد ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر ترجمان موجب، ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي، هو 30 سيپٽمبر تي پنهنجي عهدي جون ذميواريون سنڀاليندو. آءِ ايس پي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊ جوئنٽ جنرل جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. آءِ ايس پي آر جي ترجمان موجب، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ان کان اڳ بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري بريگيڊ ڪمانڊ ڪري چڪو آهي، ان کانسواءِ هو چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ ايڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا به مقرر ٿي چڪو آهي. آءِ ايس پي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ ۾ به فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ فورٽ ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز گرجوئيٽ به آهي، هو پنهنجي ڪورس ۾ اعزازي شمشمير به حاصل ڪري چڪو آهي. آءِ ايس پي آر ترجمان موجب، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جي مقرري موجوده ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي جاءِ تي ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي 29 سيپٽمبر تي رٽائرڊ ٿي ويندو ۽ 30 سيپٽمبر تي ڪمان جي تبديلي واري تقريب ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو. دفاعي ذريعن موجب، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ انتهائي تجربيڪار ۽ سينيئر آفيسر آهي، پاڪ فوج ۾ کيس انتهائي پروفيشنل آفيسر طور سڃاتو ويندو آهي، موجوده سڪيورٽي صورتحال ۾ سندس مقرري غير معمولي طور اهميت جوڳي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
54 %
1.9kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون