- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ماضي ۾ تحريڪ انصاف باني پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت فيصلا ڪيا، هاڻي به وقت آهي پي ٽي آءِ ميمبرن کي پاڻ سنڀالي هلڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته مخالف ڌر جي سيٽن تي خاموشي آهي، ٽن چئن ميمبرن کانسواءِ ڪنهن به ايوان ۾ اچڻ جي جرئت نه ڪئي آهي.
هن چيو ته ماضي ۾ ڪسٽوڊين آف هائوس بدران پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جون هدايتون وزيراعظم هائوس مان اينديون رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني فيصلا ڪندو رهيو ته ڪنهن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻا آهن ۽ ڪنهن جا نه.
عطاتارڙ چيو ته تحريڪ انصاف سياست ۾ غلط روايتون قائم ڪيون، فريال ٽالپر کي عيد واري رات اسپتال مان جيل منتقل ڪيو ويو، جنهن ويو ته سندس ڀاءُ کي تڪليف پهچندي.
هن چيو ته مريم نواز جي هڪ ڪيس ۾ ضمانت ٿي ته کيس هڪ ٻئي ڪيس ۾ ٻيهر سندس والد سامهون گرفتار ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته علي امين گنڊا پور ناڪام جلسي جي ڪاوڙ ادارن ۽ مريم نواز تي ڪڍي آهي.
عطا تارڙ چيو ته ڪي پي جو اطلاعات وارو وزير هڪ نئين فلم تيار ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي جنهن جو نالو هوندو مان لاهور نه ويندس.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ساڍن 12 سالن تائين ڪي پي ۾ حڪومت قائم ڪئي، هڪ معياري اسپتال ڏيکاري وڃي.
سندس چوڻ هو ته مخالف سرڪاري فنڊ پنهنجي مشهوري لاءِ استعمال ڪيا، پنهنجو ليڊر ڇڏائڻ لاءِ ويندڙ پاڻ قيد ٿي ويا آهن.- Advertisement -
