- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي، ماڻهن کي بلاول ڀٽو زرداري جي صورت ۾ ليڊر نظر اچي رهيو آهي .
ڪراچي ۾ ميئر مرتضيٰ وهاب سان سي پي اين ۾ ايڊيٽرز ملاقات ڪئي .
ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته باقي رهيل ساڍن ٽن سالن جو عرصو سڀني کي گڏجي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪيو آهي، ماڻهو سمجهن ٿا ته ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي.
ڪراچي جي مرتضيٰ وهاب چيو ته وسيم اختر اختيار نه ملڻ جون دانهون ڪندو هو، هو ذميواري سان چوي ٿو ته اختيارن جو ڪو به مسئلو نه هو.
هن چيو پي ٽي آءِ جا ميمبر اڄ به جماعت اسلامي کي پنهنجو مخالف سمجهن ٿا، 13 ٽائون تي پ پ جا چيئرمين، نوَن تي جماعت اسلامي ۽ ٽن ٽائون تي پي ٽي آءِ جا چيئرمين آهن پر ان باوجود هو بنا فرق جي ڪم ڪري رهيا آهن…..- Advertisement -
