- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مصدق ملڪ چيو آهي ته محمد بشير کي مرد مومن قرار ڏيندڙ هاڻي سندس فيصلي تي تنقيد ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ ن عدالتي فيصلي کانپوءِ مٺائي نه ورهائي آهي، پي ٽي آءِ باني هڪ فيصلي ۾ 9 وڪيلن کي تبديل ڪيو، توشا خانا جي تحفن کي اثاثن ۾ ظاهر ئي نه ڪيو ويو آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي بابت عدالتي فيصلو آيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻين کي سزا ٿي ته احتساب عدالت جي جج محمد بشير کي مرد مومن چيو ويو، اڄ جڏهن کين سزا ٿي ته محمد بشير جي فيصلي تي تنقيد ڪري رهيا آهن.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مصدق ملڪ چيو ته مسلم ليگ نون عدالتي فيصلي کانپوءِ ڪابه مٺائي نه ورهائي آهي، فيصلي ۾ ڪا گنجائش آهي ته عدالتون موجود آهن جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اوهان کي سزا ڏئي ته اپيل ڪٿي ڪندا.
هن چيو ته توشاخانه جا تحفا اثاثن ۾ ظاهر ئي نه ڪيا ويا، فيئر ٽرائل جو حق چالاڪ ڏوهاري لاءِ ناهي هوندو، سائفر تمام گهڻو حساس دستاويز هوندو آهي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ مصدق ملڪ چيو ته مسلم ليگ نون ڪڏهن ڪنهن جي ڏک تي جشن ناهي ملهايو، تحريڪ انصاف جي باني خلاف فيصلو ن ليگ ته ناهي ڏنو.- Advertisement -
