تازه ترين

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري رجسٽريشن سنڌ ترميمي آرڊيننس 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
هاڻي گهر ويٺي پنهنجي ملڪيت جي رجسٽريشن ٿي سگهندي، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري رجسٽريشن ترميمي آرڊيننس 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جي صحي بعد آرڊيننس سڄي صوبي ۾ فوري طور تي لاڳو ٿي ويندو. گورنر سنڌ هن آرڊيننس جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 128 جي شق هڪ تحت حاصل اختيارن تحت ڏني آهي. هن آرڊيننس تحت هاڻي عوام گهر ويٺي اليڪٽرانڪ طريقي سان بورڊ آف روينيو کي پنهنجي ملڪيت جي رجسٽريشن لاءِ درخواست يا دستاويز جمع ڪرائي سگهندو. هن آرڊيننس تحت ملڪيت جي حق لاءِ دستاويزن جي ڊيٽا بيس ذريعي آن لائن تصديق ڪئي ويندي. دستاويزن جي تصديق بعد درخواست درخواست ڏيندڙ کي في يا ٽيڪس جي ادائگي لاءِ آخري تاريخ بابت ايس ايم ايس يا اي ميل ذريعي آگاهه ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
2.5kmh
11 %
سُومر
30 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون