تازه ترين

مخالف ڌر وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مخالف ڌر وفاقي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، عمر ايوب ۽ علي محمد خان جو چوڻ آهي ته حڪومت بجيٽ  تي ڪنهن سان  به صلاح مشورا نه ڪيا. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته هو واضح طور تي ٻڌائي ته پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو بجيٽ دوران آئيني جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، هن ايوان ۾ چار ڀيرا بجيٽ پيش ڪئي، آرٽيڪل 73 سان گڏ ناڻي وارو وزير دستاويز، پنڪ باڪس ۽ اڪنامڪ سروي اتي ئي پڙهندو آهي. هن چيو ته بجيٽ جو واليم ۽ خسارو مينشن هوندو آهي، جيڪو هن بجيٽ ۾ نه هو، هڪ جعلي بجيٽ پيش ٿيو، پنجاب جي آبادگارن جي ڪڻڪ سڙي رهي آهي، محسن نقويءَ ساڍا چار سئو ارب رپين جي ايل سي کولي  پيسو ٺاهيو. عمر ايوب چيو ته محسن نقوي ٽيڪس رٽرن جمع ناهي ڪرائيندو، هنن پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي هئي. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته بجيٽ تي تنقيد سدائين ٿيندي آهي، بجيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، بجيٽ جو  تعلق عوام سان هوندو آهي، ٻه ڀاڱي ٽي سيٽون کٽيندڙ پارٽي کي مخالف ڌر ۾ ويهاريو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت وٽ اصل مينڊيٽ آهي يا جعلي ان جو فيصلو اڃا تائين ناهي ٿيو، بجيٽ فارم 47 وارن پيش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
25 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
8 %
5kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون