- Advertisement -
مختلف شهرن ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ڪشمور ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قلم ڌڻين ۽ سول سوسائٽي پاران ڪرپال ڪيسواڻي، غلام فريد ڄامڙو، احمد علي سيال، محمد شريف ڄامڙو، ماجد مزاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
بهرام ۾ به صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران علي محمد کوسو، ظفر مگسي، حسن مگسي، نصر الله پتوجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر-شهداد ڪوٽ روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته حق سچ لکڻ تي صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو.
مظاهرين جو چوڻ هو ته صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته جلد قاتلن کي گرفتار ڪري صحافي نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.- Advertisement -
