- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ ويلڊنگ جي ڪم دوران ٽينڪر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ نينگر سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
شيرين جناح ڪالوني 20 نمبر اسٽاپ ويجهو ويلڊنگ دوران ٽينڪر ۾ ڌماڪو ٿي پيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ 65 ورهين جو ذوالفقار فوت ٿي ويو جڏهن ته 16 ورهين جي سديس سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڌماڪي سبب عمارت جا شيشا ٽٽي پيا جنهن سبب خوف حراس پکڙجي ويو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس، رينجرز ۽ امدادي ٽيمون پهچي ويون.
فوتي جو لاش ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ويلڊنگ دوران ٽينڪر ۾ ڌماڪي سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
