تازه ترين

مختلف ملڪن جي سربراهن پاران شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

- Advertisement -
مختلف ملڪن جي سربراهن پاران شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي واڌايون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. چيني صدر ۽ وزيراعظم، شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي آهي ته  پڪ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ نئين حڪومت جي قيادت ۾ پاڪستان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندو. چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ترقي جي نئين منزلون طئي ڪندو ۽ پاڪستان پنهنجا روايتا دوستاڻا لاڳاپا جاري رکندو. هن چيو ته اميد ته پاڪستان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، سمورن شعبن ۾  سهڪار کي مضبوط بڻائڻو هوندو. چيني صدر شي پنگ جو چوڻ هو ته گڏيل طور تي چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو اپ گريڊ ويزن تعمير ڪرڻو پوندو. چيني وزراعظم طرفان به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد جو پيغام ڏنو ويو. ٻئي پاسي ترڪيه جي صدر طيب اردوان نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کي فون ڪري مبارڪباد ڏني. ترڪيه جي صدر پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي شهباز شريف جي صلاحيت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ابراهيم رئيسي پنهنجي بيان ۾ خواهش جو اظهار ڪيو ته نئين حڪومت پاڪستاني عوام ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي ۽ ٻئي ملڪ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
2.2kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون