تازه ترين

هن حڪومت جو ڪو نظريو ناهي صرف ڦرلٽ ڪرڻ آهي : عمر ايوب

- Advertisement -
سني اتحاد ڪائونسل جي وزيراعظم جي  اميدوار عمر ايوب چيو آهي ته هي پي ڊي ايم جي حڪومت جو تسلسل آهي، هن حڪومت جو ڪو نظريو ناهي صرف ڦرلٽ ڪرڻ آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي عمر ايوب چيو ته  جيڪي مخصوص سيٽون کين ملڻ گهرجن اهي کين نه مليون، ان ڪري اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ غيرقانوني ٿي وئي آهي. هن چيو ته هي حڪومت چوري ٿيل مينڊيٽ تي ٺهي رهي آهي، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين جا ماڻهو جيڪي هتي ويٺا آهن اهي فارم47 تحت ويٺا آهن جيڪڏهن فارم 45 تحت نتيجا اچن ها ته سندن 180 ميمبر هجن ها هي سموريون پارٽيون فارم 47 جون بيني فشريز آهن. سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار چيو ته هنن کان چونڊ نشان به کسيو ويو، فارم 45 جو نتيجا به ڦري ويا پر هو بيٺا رهيا. هن چيو ته 9 مئي تي معصوم ماڻهن کي گوليون هڻي ماري شهيد ڪيو ويو ان جو ذميوار ڪير آهي، هو مطالبو ڪن ٿا ته جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، وڊيو ۽ فٽيجز سامهون آڻي حقيقتون سامهون آنديون وڃن. سني اتحاد ڪائونسل جي عمر ايوب چيو ته الله جو شڪر گذار آهي ته هتي وزيراعظم جي چونڊ وڙهڻ جو موقعو مليو، پي ٽي آءِ باني، ايم ڊبليو ايم ۽ پنهنجي سني اتحاد ڪائونسل جي ساٿين جو به ٿورائتو آهي جن سندس حمايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون