سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سائيٽ ڪراچي ۽ نوري آباد انڊسٽريل اسٽيٽ جو ٽيون فيز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي سالياني ڊنر جي موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار صنعتي زونز قائم ڪرڻ لاءِ سائيٽ ڪراچي فيز 3 ۽ نوري آباد انڊسٽريل اسٽيٽ فيز 3 لاءِ زمين مختص ڪري ڇڏي آهي، هن وقت انفرا اسٽرڪچر جي رٿابندي ۽ ترقي جو عمل جاري آهي.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار صوبي ۾ صنعتڪاري، معاشي ۽ واپاري ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ صنعتڪارن ۽ واپاري برادري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته مالي ڏکيائين باوجود سنڌ سرڪار ڪورنگي انڊسٽريل زون کي سهولتون ڏنيون آهن، روڊن ۽ پاڻي جي نيڪال جي سسٽم کي اپ گريڊ ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيا آهن.
