تازه ترين

مراد علي شاهه ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان مدد گهري ورتي

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان مدد گهري ورتي، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاران وڏي وزير کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت، ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ٻوڏ متاثرن کي محفوظ گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن جي 21 لک گهرن لاءِ واش پراجيڪٽ جي ضرورت آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس ايما فين سان ملاقات ٿي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ملاقات ۾ سنڌ ۾ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي مدد سان جاري منصوبن تي ڳالهيون ٿيون ۽ ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ واش پروجيڪٽ جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ، ايشين بينڪ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ٻوڏ متاثرن جا محفوظ گهر ٺاهي رهي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي 21 لک گهرن جي لاءِ واش پروجيڪٽ جي گهرج آهي ته جيئن واش روم ۽ نيڪال جو سسٽم ٺاهي سگهجي. وڏي وزير مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ سولر پروجيڪٽ لاءِ به اي ڊي بي جي سپورٽ جي ڳالهه ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن کانسواءِ به سنڌ حڪومت سولر پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته بجلي جي قيمت وڌيڪ ٿيڻ سبب ماڻهو مهانگي بجلي نٿا ٻاري سگهن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ايشين ڊولپمينٽ بينڪ واش ۽ سولر پروجيڪٽس لاءِ مدد جو يقين ڏياريو آهي. وڏي وزير ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ کان مدد گهري ورتي. ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٽي پي فور لاءِ مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو. وڏي وزير مراد علي شاهه منصوبابندي ۽ ترقي کاتي کي ٽي پي فور جي ڊاڪيومينٽس اي ڊي بي کي پهچائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ٽي پي فور شهر لاءِ تمام ضروري آهي جنهن لاءِ ايشين بينڪ جي مدد تمام اهم آهي. سنڌ حڪومت ۽ ايشين بينڪ طرفان حيدرآباد انفرا اسٽرڪچر گيپس جي اسٽيڊي ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حيدرآباد جي اسٽڊي ٿيڻ گهرجي ته شهر جي انفرااسٽرڪچر ۾ ڪهڙن ڪمن جي ضرورت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حيدرآباد لاءِ هڪ ڀيرو انفرااسٽرڪچر جا مسئلا طئي ٿي وڃن ته ان حساب سان ڪم ڪرايا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
10 %
4kmh
0 %
سُومر
24 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون