تازه ترين

مرد علي شاهه ڪي ايم سي گزري ميٽرنٽي هوم ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مرد علي شاهه ڪي ايم سي گزري ميٽرنٽي هوم ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي بابت مهم 19 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رهندي، مهم دوران 10 ڏهائي 6 ملين کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچيءَ ۾ پوليو جي خاتمي بابت مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري صوبائي وزير سان گڏ گذري جي ميٽرنٽي هوم ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدرشاهه، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ۽ ٻيا موجود هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پوليو ويڪسين جي مهم سڄي ملڪ ۾ هلي رهي آهي، پوليو جو مرض ٻن ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ رهجي ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته پوليو مهم جي شروعات شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪئي هئي اڄ تائين هو پوليو مان ناهن نڪري سگهيا. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي بابت مهم 19 آڪٽوبر 2025ع تائين جاري رهندي، مهم دوران 10 ڏهائي 6 ملين کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سڄي صوبي ۾ پنجن ورهين کان گهٽ عمر جي بارڙن کي ويڪسين ڪئي ويندي، افسوس ته هلندڙ سال صوبي ۾ پوليو جا 9 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سميت ڪيترن ئي ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ظاهر ٿي آهي، پوليو جو خاتمو سندن اخلاقي ذميواري آهي، هر ٻار صحتمند ۽ محفوظ مستقبل جو حق رکي ٿو. هن صوبي جي سمورن ضلعن ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جي مڪمل نگراني جو حڪم ڏيندي چيو ته سنڌ ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جو عالمي ادارن سان سهڪار آهي، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، يونيسيف ۽ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي واري مهم جا معاون آهن. سنڌ جي وڏي وزير عالمن، استادن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي سهڪار جي اپيل ڪندي چيو ته والدين پنهنجي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارن ۽ معذوري کان بچائن. مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن ٻار جي رهجي وڃڻ تي ويجهي هيلٿ سينٽر سان رابطو ڪيو وڃي، پ پ حڪومت جو عزم آهي ته پوليو فري پاڪستان ٺاهڻو آهي. سندس چوڻ هو ته افغان ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري بعد ۾ ئين ملڪ بدر ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو هر شيءِ کي ناڪاري بڻائيندا آهن، جيڪڏهن پوليو ويڪسين ۾ ڪو مسئلو هجي ها ته بينظير ڀٽو، آصفه کي نه پياري ها. مراد علي شاهه چيو ته افغانستان سرحد تي حملو ڪيو، کيس جواب ملي ويو آهي، سموريون سياسي پارٽيون پاڪ فوج سان گڏ آهن، سرحدن تي خطرن باوجود پوليو خلاف مهم بند نه ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون