تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مسئلن جو حل ڳالهيون آهن، بغاوت ڇڏي ۽ ٽوئٽ ڊليٽ ڪري ڳالهيون ڪيون وڃن: وفاقي وزير مصدق ملڪ

- Advertisement -
وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته مسئلن جو حل ڳالهيون آهن، بغاوت ڇڏي ۽ ٽوئٽ ڊليٽ ڪري ڳالهيون ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ سياست کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي دوستن کي ڪڏهن به دشمن ناهي چيو، پاڪستان ۾استحڪام لاءِ سياست اهم آهي. هن چيو ته مسئلن جو حل ڊائلاگ آهي، پر ٻئي پاسي قبر تائين پهچائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. وفاقي وزير چيو ته رئوف حسن تي حملو غيرمناسب آهي، واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، حملو ڪندڙن کي انجام تائين پهچايو ويندو. مصدق ملڪ چيو ته نوازشريف چيو هو ته هو ملڪ کي ترقي وٺرائڻ چاهن ٿا، هڪ پارٽيءَ کانسواءِ هو سڀني سان گڏجي سياست ڪري رهيا آهن. ن ليگ سينيٽر چيو ته ن ليگ سدائين معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هو ته ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪندا آهن، پيپلزپارٽيءَ پي ٽي آءِ کي چيو ته حڪومت ٺاهيو هو مخالف ڌر ۾ ويهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ  خسارو گهٽ ٿيو آهي، ٽيڪس وصولي 30 سيڪڙو وڌي آهي، پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ تيار آهن. مصدق ملڪ چيو ته نيلم جهلم پن بجلي منصوبي جي ٽنل ۾ ٻيو ڀيرو خرابي ٿي، جنهن جي انڪوائري شروع ٿي چڪي آهي ته ايڏي مهانگي منصوبي تي ٻيهر ائين ڇو ٿيو؟.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون