- Advertisement -
وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مسئلن کي منجهائڻ بدران اچو ته گڏ ويهي انهن کي حل ڪريون.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته عوام کي سڀ خبر آهي ته ڪنهن ڇا ڪيو آهي؟ ڪپتان چيو فوج نيوٽرل ٿي وڃي، سندس چيلن لبيڪ ڪيو، ڪپتان چيو قبر تائين پيڇو ڪنداسين، ان کان پوءِ 9 مئي اچي ويو، جنهن ۾ شهيد جي يادگار کي ساڙيو ويو.
مصدق ملڪ چيو ته حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، مهانگائي ختم ڪرڻي آهي، وزيراعظم به چاهي ٿو ته غربت ختم ٿئي.
هن چيو ته وزيراعظم جي پهرين ترجيح روزگار ڏيڻ آهي، پر ملڪ دشمن عنصر ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن، ڏڦيڙ واري سياست ڪندڙ ملڪ جا دشمن آهن، جيڪڏهن پاڪستان هوندو ته اسين سڀ هونداسين….- Advertisement -
