تازه ترين

مسلم ليگ ن، تحريڪ انصاف باني جي غير مشروط معافي جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو،

- Advertisement -
مسلم ليگ نون، تحريڪ انصاف باني جي غير مشروط معافي جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي وڳوڙن ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ملوث آهن، جي ايڇ ڪيو تي حملن جي باقاعده منصوبابندي ڪئي وئي، ڌرڻن جي پيداوار قومي ادارن تي حملا ڪيا، تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي حملن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن،  پي ٽي آءِ باني کي پنهنجي غلطين تي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ڌرڻن جي پيداوار قومي ادارن تي حملا ڪيا، 9 مئي تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن قومي ملڪيتن کي نشانو بڻايو. سندس چوڻ هو ته غير مشروط معافي گهرندڙ اڳيان سمورا ثبوت موجود آهن، تحريڪ انصاف باني کي پنهنجي غلطين تي قوم کان معافي گهرڻ گهرجي، جي ايڇ ڪيو ته حملي جي باقاعده رٿابندي ڪئي وئي. مسلم ليگ نون اڳواڻ جاويد لطيف چيو ته نواز شريف کي 2017ع ۾ نااهل ڪرايو ويو، ڌرڻي دوران 2014ع ۾ ڀڃڊاهه جي باقاعده شروعات ڪئي وئي،مددگاري سبب نظام کي ڊي ريل ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
55 %
2.6kmh
8 %
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون