تازه ترين

9 مئي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهائيندي حقيقتن کي ميساريو پيو وڃي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ملڪ جي بهترين مفاد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پاڻ کي پاڪستاني قرار ڏيندڙ ملڪ سان دشمني ڪري رهيا آهن، ماضي مان سبق حاصل ڪري وڌيڪ محنت سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ عالم سڳورن جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته آرمي چيف جيڪو ڳالهايو اهو سڀني لاءِ مشعل راهه آهي، جنرل عاصم منير ملڪ جي بهترين مفاد ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، اڄ سنگين معاشي حالتون آهن جنهن جو سپه سالارا ذڪر ڪيو. سندس چوڻ هو ته شهيدن جي سوشل ميڊيا تي بي حرمتي ڪئي وئي، عالم نفرت ۽ ورهاست جي خاتمي ۾ ڪردار ادا ڪن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هڪ ٽولي سياست کي گندو ڪري ڇڏيو آهي،  9 مئي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڳالهائيندي حقيقتن کي ميساريو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪي مسئلن بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان صلاح مشورا جاري آهن، رات صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي هئي، آرمي چيف به صلاح مشوري ۾ شامل آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڻ کي پاڪستاني قرار ڏيندڙ ملڪ سان دشمني ڪري رهيا آهن، ماضي مان سبق حاصل ڪري وڌيڪ محنت سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ملڪي قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ملڪ کي عظيم بڻائڻو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
55 %
2.6kmh
8 %
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون