- Advertisement -
وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مسلم ليگ ن سان سندن حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، مرڪز ۽ پنجاب ۾ شموليت بابت فيصلو صورتحال ڏسي ڪيو ويندو، رياست هڪ بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ملڪ جي اوڀر ۽ اولهه جي سرحدن تي دٻاءُ آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته سياسي معاملن بابت ڳالهيون لاءِ هو حاضر آهن، تحريڪ انصاف کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن.
سندس چوڻ هو ته هو تحريڪ انصاف جي معاملن جو ترجمان ناهي، هر شيءِ ووٽ سان مشروط آهي، سياسي عدم استحڪام، معاشي عدم استحڪام جو سبب بڻجندو آهي.
وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ملڪ هن وقت ڪيترين ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، ملڪ عدم استحڪام جو شڪار آهي، سياستدانن جو هڪ پيج تي هئڻ ضروري آهي.
هن چيو ته ڪڏهن ناهي چيو ته هو حڪومت سان گڏ ناهن، هر ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهن، حڪومت ۾ شموليت لاءِ ن ليگ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.
وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، مرڪز ۽ پنجاب ۾ شموليت بابت فيصلو صورتحال ڏسي ڪيو ويندو، اسيمبليءَ مان بل پاس ٿيندو ته سندن ووٽ سان ٿيندو، بجيٽ عوام، آبادگار ۽ نوجوان دوست هئڻ گهرجي، بجيٽ جا انگ اکر ٺهندا ته پ پ حڪومت کي تجويزون ڏيندي………- Advertisement -
