- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسلم ليگ ن پنهنجي سياسي مخالفن کي پچ تان آئوٽ رکڻ چاهي ٿي، هاڻي مقابلو تير ۽ شينهن وچ ۾ آهي، پراڻا سياستدان اڄ به نفرت واري سياست پيا ڪن، عوام نئين سوچ جي حمايت ڪري، پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي پ پ اميدوارن کي تير جي نشان کان محروم رکيو ويو آهي، پ پ مخالفن جون سازشون ناڪام بنائي وفاق ۾ حڪومت ٺاهيندي.
ميروخان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻي اليڪشن کين ويجهي نظر پئي اچيَ، چونڊون ملتوي ٿيڻ جو ڪو به سبب نظر نه پيو اچي.
هن چيو ته ن ليگ پنجاب ۾ پي ٽي آءِ سان ٿيل معاملي جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ پ پ جي ڪجهه اميدوارن کي تير جي نشان کان محروم رکيو ويو، ان خلاف هو عدالت ويندا.
پ پ چيئرمين چيو ته مسلم ليگ ن پنهنجي سياسي مخالفن کي پچ تان آئوٽ رکڻ چاهي ٿي، پراڻا سياستدان اڄ به نفرت واري سياست پيا ڪن.
هن چيو ته هاڻي مقابلو تير ۽ شينهن وچ ۾ آهي، ن ليگ جي سوچ غير جمهوري آهي، عوام نئين سوچ جي حمايت ڪري.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، 10 نقاطي معاشي معاهدو هو منشور سان گڏ پيش پيا ڪن، سياسي منشور تي مخالف ذاتي دشمني تي لهي آيا آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ جو سڀ کان وڏو مسئلو ٻوڏ متاثرن جا مسئلا آهن، دنيا ۽ وفاق کي اپيل ڪري مالي وسيلن جو بندوبست ڪيو، اليڪشن ڪميشن سميت سڀني خاطري ڪرائي هئي ته ان ڪم ۾ ڪا به رنڊڪ نه ٿيندي، افسوس سان چوڻو پيو پوي ته منصوبو سستيءَ جو شڪار آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18 جنوري تي دادو ۽ نوشهروفيروز ۾ جلسو ڪيو ويندو.- Advertisement -
