تازه ترين
سنڌ حڪومت پاران ٽيڪس چورن ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جو گهيرو تنگ ڪرڻ جو فيصلو پوليس ڏوهن جي خاتمي ۽ عوام کي تحفظ لاءِ پرعزم ۽ هر وقت تيار آهي : آءِ جي سنڌ شڪارپور جي عدالت چرس رکڻ جي ڏوھه ۾ جوابدار کي 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي سگرار مان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ جوڙيل گڏيل جوائنٽ انويٽيگيشن جو اجلاس نوابشاه... ميان صاحب ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل وزيراعظم شهباز شريف طرفان ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريڊ سسٽم ۾ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو ا... غزه تي پاڪستان ۽ ايران جو موقف ساڳيو آهي، پرڏيهي آفيس پنجاب حڪومت طرفان ايمرجنسي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ حادثن جي صورت ۾ ائير ايمبولينس سروس استعمال ڪرڻ جو فيص... ڪي پي جي وڏي وزير طرفان اسلام آباد تي حملي جي ڌمڪي نهايت سنگين معاملو آهي : خواجا سعد رفيق پاڪستان خطي ۾ سڀ کان اهم شراڪت دارن مان هڪ آهي، آمريڪا جو پاڪستان سان مضبوط رشتو آهي : ويدانت پٽيل

معيشيت جي بهتري لاءِ ڪنهن به قسم جو سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معيشيت جي بهتري لاءِ ڪنهن به قسم جو سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، سمگلنگ سبب پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، معيشيت جي بهتري لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ سياسي طور ورهائجي ويو آهي، حوصلا بلند رکندڙ قومون ئي چئلينجن ۾ ڪامياب ٿينديون آهن.

اسلام آباد ۾ سمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته 76 ورهين کان سمگلنگ ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، معيشيت جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته چئلينجز کي سمجهڻو آهي ته جيئن معيشيت کي سنڀالي سگهجي، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياسي افراتفري جو خاتمو ڪرڻو پوندو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وفاق، صوبا ۽ ادارا سڀ گڏ ٿي وڃن، گذريل 24 ڏينهن ۾ معيشيت بابت مختلف اجلاس ڪيا آهن، ملڪ کي غيرقانوني واپار ۽ سمگلنگ تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي.

هن چيو ته اتحادي حڪومت 2022ع ۾ اڍائي لک ٽن کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏني هئي، هو کنڊ کپائي جيڪي ڊالر ڪمائي سگهندا هئا اهي افغانستان سمگلنگ ٿيڻ سان نقصان ٿيو.

وزيراعظم چيو ته بجلي چوري سان هر سال 4 کان 5 سئو ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پيٽروليم جي شعبي ۾ به گيس چوري سان نقصان ٿئي پيو، هلندڙ سال 9 کرب اوڳاڙي جو ڪاٿو آهي.

شهباز شريف چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ توانائي شعبي ۾ 58 ارب رپين جي چوري رڪور ٿي، نگران حڪومت سمگلنگ جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتا قدم کنيا ويا.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آرمي چيف ۽ صوبن جي سهڪار سان سمگلنگ جي خاتمي ۾ مدد ملي، سمورن صوبن سمگلنگ جي خاتمي واري مهم ۾ وفاق جو ساٿ ڏنو، جيڪڏهن ارادو هجي ته رڪاوٽون ختم ٿي وينديون آهن.

وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي لاءِ صنعت ۽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ اڻٽر آهي، نشام واقعي سان پاڪ چين لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دشمن جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائڻ سندن گڏيل ذميواري آهي.

شهباز شريف چيو ته معيشيت جي بهتري لاءِ سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪيو ويندو، گهرو وزير کي صوبن ۾ سڪيورٽي بابت جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، چئلينجز تي اهي قومون ضابطو آڻينديون آهن جيڪي همت ناهن هارينديون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
18 ° C
18 °
18 °
39 %
3.9kmh
29 %
ڇنڇر
21 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون