- Advertisement -
ملير ۾ نوجوان گهرو پريشانين کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو.
رزاق آباد جي غريب آباد واري علائقي ۾ پورهيت علي غلام شيدي گهرو پريشانين کان تنگ اچي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان علي غلام شيدي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پورهيت گهرو پريشانين سبب آپگهات ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
