تازه ترين

ملير ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيتن طرفان پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ملير ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي پورهيتن طرفان پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

پورهيت اڳواڻ اڪبر ناريجو، شوڪت ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسٽيل ملز جي مک دروازي ھٿوڙا چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بورڊ جي منظوري باوجود اسٽيل ملز انتظاميا پگھارن ۾ اضافو نه پئي ڪري.

هنن چيو ته اسٽيل ملز انتظاميا مسلسل ٽال مٽول ڪري رھي آھي جيسيتائين پگھارون وڌائڻ جو اعلان نه ڪندا تيستائين احتجاج جاري رھندو.

سندن چوڻ هو ته انتظاميا وارا پاڻ مراعتون کڻن ٿا پر مزدور پراڻي پگھار کڻي رھيا آھن جيڪا سراسر زيادتي آھي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته مھانگائي چوٽ چڙھي وئي آھي، ساڳين پگھارن تي گذارو نه ٿي رھيو آھي سندن ٻچا فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ سان گڏ تعليم کان محروم ٿي ويا آھن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  پگهارن ۾ واڌ سميت سندن جائز مطالبا مڃي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
19 %
3kmh
50 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون