تازه ترين

ملڪاڻي شريف: شهرين طرفان بدامنيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو، شهر ۾ شٽر بند هڙتال

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ملڪاڻي شريف ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

واپاري گل حسن لغاري کان  20 لک رپين جي ڦر  ٿيڻ خلاف شهرين   جهڏو-پنگريو روڊ تي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ  ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن  چيو ته پوليس جي نااهلي سبب شهر ۾ چورويون، ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن.

شهرين چيو ته واقعي کي 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پنگريو پوليس ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتاري ڪري واپاري کان ڦر ٿيل پيسا واپس ڪرايا وڃن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون