تازه ترين

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ناڻي واري وزير جي جاءِ تي پرڏيهي وزير کي شامل

- Advertisement -
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ناڻي واري وزير جي جاءِ تي پرڏيهي وزير کي شامل ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ڇڏي. ذريعن موجب، صدر آصف علي زرداري، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائس تي ڪئي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ناڻي واري وزير جي جاءِ تي پرڏيهي وزير کي شامل ڪيو ويو. 8 رڪني ڪائونسل جو چيئرمين وزيراعظم شهباز شريف هوندو. چئني صوبن جا وڏا وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جا ميمبر هوندا. ڪائونسل ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف ۽ وفاقي وزير امير مقام کي به گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نئين جوڙجڪ ٿيل ڪائونسل نگران دور جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جاءِ وٺندي جنهن ۾ شمشاد اختر، عرفان اسلم ۽ فواد حسن فواد شامل هئا………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
32 %
3.8kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون