تازه ترين

ملڪ جي آئين تحت هر شهري کي شفاف جاچ جو حق حاصل آهي:اقبال احمد ڏيٿي

- Advertisement -
سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿي چيو آهي ته ملڪ جي آئين تحت هر شهري کي شفاف جاچ جو حق حاصل آهي، سندن مقصد ڊاڪٽر شاهنواز قتل واقعي جي شفاف جاچ سميت مقتول جي وارثن کي هر قسم جو قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ملوث جوابدارن خلاف شفاف جاچ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر واري واقعي بعد سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جو چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو ميرپورخاص پهتو. اقبال احمد ڏيٿي ميرپورخاص، عمرڪوٽ جي عملدارن ۽ ڊاڪٽر شاهنواز جي وارثن سان ملاقات ڪئي. ملاقات بعد سرڪٽ هائوس ۾ سماجي اڳواڻن جي موجودگي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال احمد ڏيٿي چيو ته هن ڊاڪٽر شاهنواز جي والدين سان ملاقات ڪئي آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ جي ايس ايس پي سميت اسپتال جي عملدارن سان پڻ ملاقات ڪئي آهي، شاهنواز ڪنڀر سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. سندس چوڻ هو ته والدين موجب ڪجھه ڏينهن کان ڊاڪٽر جو ذهني توازن درست نه هو، اسپتال جي ايم ايس پاران هڪ ليٽر ڪڍيو ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊاڪٽر شاهنواز منشيات واپرائي ٿو هن سڄي معاملي ۾ انساني بنيادي حقن جي لتاڙ ٿي آهي. سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين چيو ته ايس ايس پي ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کان رپورٽ گهري آهي ته ڪهڙيون حالتون ٿيون جو واقعي جو ڪيس داخل ٿيو، ڊاڪٽر شاهنواز ڪيئن گرفتار ٿيو. اقبال احمد ڏيٿي چيو ته ايس ايس پي عمرڪوٽ موجب ڊاڪٽر کي عمرڪوٽ پوليس گرفتار نه ڪيو ۽ ميرپورخاص پوليس جي هٿ ڪيئن آيو ان جي ڄاڻ ميرپورخاص پوليس وٽ هوندي، مقابلو ٿيو يا نه اهو پڻ هڪ سوال آهي جنهن جي جواب لاءِ جاچ ڪري رهيا آهن. سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين چيو ته معاملي ۾ پوليس جو ڪردار شڪي آهي، رپورٽن موجب ڊاڪٽر شاهنواز منشيات واپرائيندو هو، سندس ذهني توازن ٺيڪ نه هو، پوليس ان حوالي سان ڪا به جاچ نه ڪئي، سوشل ميڊيا پوسٽ بابت پوليس کي سائبر ڪرائم تحت جاچ ڪرڻ گهرجي ها پر ايئن به نه ڪيو ويو. اقبال احمد ڏيٿي چيو ته معاملي ۾ سنڌ حڪومت جو قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حڪومت ڪنهن به قسم جي انسانيت جي توهين ۽ غير قانوني عمل جي حمايت نه ڪندي جڏهن ته مقتول جو لاش سندس والد وصول ڪيو پر ڳوٺ پهچڻ تي ماڻهن جي ميڙ پاران لاش کي دفنائڻ نه ڏنو ويو ۽ لاش کي ساڙي تذليل ڪئي وئي، ان جي به جاچ ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
31 %
4.1kmh
0 %
سُومر
28 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون