تازه ترين

ملڪ جي استحڪام لاءِ شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي : خواجا آصف

- Advertisement -
ڪوئيٽا ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي جي حوالي سان شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر، ڪمانڊر بلوچستان ڪور ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم احمد خان، صوبائي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، شهيدن جي وارثن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن شهيدن کي عظيم قربانين تي ڀيٽا پيش ڪئي، جن ملڪ جي حفاظت ۽ خودمختاري لاءِ پنهنجي جانين جو نظرانو پيش ڪيو. ان موقعي تقريب کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ملڪ جي استحڪام لاءِ شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، اڄوڪي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪرڻو پوندو ته ملڪ لاءِ سڀني کي پنهنجي انفرادي مفادن جي قرباني ڏيڻي پوندي، ملڪ جي بقا جي جنگ ۾ شهيد ٿيلن جو مان مرتبو اعليٰ ۽ عظيم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون