- Advertisement -
ملڪ جي مختلف شهرن مان غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ هڪ هزار 207 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا جنهن بعد هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 53 هزار 480 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن.
سرڪاري انگن اکرن موجب، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ هزار 207 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري پنهنجي ملڪ هليا ويا، واپس ويندڙن ۾ 374 مرد، 319 عورتون ۽ 514 ٻارڙا شامل آهن.
افغانستان روانگي لاءِ 112 گاڏين ۾ 131 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آندي وئي.
وفاقي حڪومت جي اعلان کان اڳ غيرقانوني افغان شهري گهڻي انگ ۾ گرفتاري جي خوف کان واپس افغانستان ويندا رهيا جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت تائين مجموعي طور 4 لک 52 هزار 273 افغان شهري پنهنجي ملڪ وڃي چڪا آهن.
ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو جنهن سبب سمگلنگ ۽ ڀتاخوري سميت ٻيا سنگين ڏوهه عام هئا جڏهن ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان ملڪ مان غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن جي نيڪالي جو سلسلو جاري آهي………..- Advertisement -
