ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به ڪوهيڙو برقرار

- Advertisement -
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به ڪوهيڙو برقرار آهي، سخت ڪوهيڙي نظر جي حد گھٽجڻ جي ڪري موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو آهي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر وي ايم 2 کي ڪوٽ مومن کان راوي ٽول پلازه تائين بند ڪيو ويو جڏهن ته ايم 3 جي ٽريفڪ کي رجانه کان موڙيو ويو. موٽر وي ايم 3 فيض پور کان جڙانوالا ۽ ايم 4 ملتان کان پنڊي ڀٽيان تائين مڪمل طور تي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، موٽر وي ايم 5 کي ملتان کان اُچ شريف تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ظاهر پير کان اچ شريف تائين هيوري ٽريفڪ کي موٽر وي تي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. موٽر وي پوليس جي ترجمان شهرين کي ڪوهيڙي جي ٽائيم غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ڊرائيورنگ دوران فوگ لائيٽ جو استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ڪنهن به قسم جي حادثي کان بچي سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
55%
2m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون