- Advertisement -
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گھٽجي وئي.
موٽر وي پوليس ترجمان موجب ايم 14 دائود خيل کان ڊيره اسماعيل تائين بند آهي، موٽر وي ايم ٽو لاهورکان پنڊي ڀٽيان تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
موٽر وي ايم 2 چڪري کان نيله دلا تائين، ايم هڪ اسلام آباد کان پشاور تائين، ايم 3 فيض پورکان درخانه تائين ۽ ايم 4 شام ڪوٽ کان عبدالحڪيم تائين بند ڪيو ويو .
موٽر وي ترجمان وڌيڪ چيو ته سخت ڪوهيري جي ڪري ايم 5 ملتان کان روهڙي تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي.- Advertisement -
