- Advertisement -
ملڪ جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو، سنڌ، پنجاب ۽ ڪوهيڙي سبب 18 اڏامون معطل، موٽر وي بند ڪيا ويا، هوائي اڏن تي ايندڙ 11 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامن کي لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ لينڊنگ ڪرائي وئي، سال جي پهرين 10 ڏينهن دوران 330 ڏامون معطل ٿي چڪيون آهن، ڪوهيڙي سبب نظر جي حد متاثر ٿيڻ سبب مختلف هنڌن تي موٽروي تي به ٽريفڪ جي روانگي به روڪي وئي.
موٽرويز پوليس موجب شديد ڪوهيڙي سبب نگاهه جي حد موٽرويز ايم ون کي برهان انٽر چينج کان صوابي تائين بند ڪيو ويو آهي.
موٽر ويز ايم 3 کي فيض پور لان درخانه ۽ جذانوالا تائين جڏهن ته موٽر ويز ايم 4 کي ملتان کان فيض آباد تائين، فيصل آباف کان عبدالحڪيم ۽ شور ڪوٽ تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب موٽر ويز ايم 5 کي به ملتان کان روهڙي تائين ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
