- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ڪنهن به ڏڦيڙ جي سٽ نٿو سهي سگهي، سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو گڏيل اتحاد سان ئي ڪري سگهجي ٿو، ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته خدمت، ديانت ۽ محنت جي روايت سان اڳتي وڌندا، ملڪ ڪنهن به ڏڦيڙ جي سٽ نٿو سهي سگهي، سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجن جو مقابلو گڏيل اتحاد سان ئي ڪري سگهجي ٿو.
مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف چيو ته ملڪ کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ سندس پهرين ترجيح آهي، محنت ۽ ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪندا، نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندا.- Advertisement -
