تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف پاڪستان جي نئين چونڊيل حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

- Advertisement -
آءِ ايم ايف پاڪستان جي نئين چونڊيل حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. ميڊيا بريفنگ ۾ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ معاشي استحڪام بابت نگران حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نگران حڪومت جي دور ۾ اختيارين معاشي استحڪام کي برقرار رکيو. سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت مهانگائي کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي تي عمل ڪيو. آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزيڪ چيو ته 11 جنوري تي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اسٽينڊ بائي ارينجمينٽ جي پهرين جائزي جي منظوري ڏني، جنهن تحت پاڪستان کي هڪ ڏهائي 9 ارب ڊالر جاري ٿيا. هن چيو ته قرض پروگرام سان پاڪستان کي معاشي استحڪام جي ڪوششن ۾ مدد ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن چيو ته قرض پروگرام ۾ مضبوط فوڪس ڪمزور طبقي  جو تحفظ آهي، پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئين حڪومت سان پاليسي تي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهن ته جيئن وسيع اقتصادي استحڪام ۽ پاڪستاني شهرين جي خوشحالي کي يقيني بڻايو وڃي. جولي ڪزيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو آءِ ايم ايف کي خط سياسي معاملو آهي، ان بابت بحث نه ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف پاڪستان جي اندروني سياسي معاملن ۾ بيان بازي نه ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون